سروري محبوب

سروري محبوب

محبوب سروري

محبوب سروري : ناليوارو شاعر ۽ اديب محبوب سروري، 8 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جاڙي پنهور، هوسڙي، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد صديق پنهور جي گھر جنم ورتو. هن تي ڇٺيءَ جا نالا محمد بچل ۽ محبوب علي رکيا ويا. شاعريءَ ۾ محبوب نالو ۽ سرور تخلص ڪتب آندائين ۽ اهو ئي نالو عام و خاص ۾ مشهور ٿيو. هن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ، سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان انٽر ۽ سـنڌ يـونيـورسـٽيءَ مـان بي. اي ۽ ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِڪميشن ڏيئي ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ اڳتي هلي طالب الموليٰ اورينٽل ڪاليج هالا جو پرنسپال به رهيو. شاعريءَ ۾ سندس استاد طالب الموليٰ هو. هن جي شاعريءَ ۾ قومي ۽ روايتي رنگ نمايان آهي. سندس شاعريءَ ۾ تغزل، اشاريت، معنويت جھڙيون خوبيون چٽيون نظر اچن ٿيون. سندس ڪلام ۾ محاورن، اصطلاحن جي ڪتب آڻڻ، برجستگي، رواني، جذبن جي فراوانيءَ جي موجودگي کيس عروضي شاعريءَ ۾ اهم درجو عطا ڪن ٿا. اصلاحي تنقيدون، حسن ۽ جمال، نيرنگين جو بيان، وفا ۽ جفا جون حڪايتون، محبوب جي عنايتون ۽ شڪايتون ۽ محبوب جي ثنا سندس شاعريءَ جا اهم موضوع آهن. سندس غزل جي هڪ بند جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: تنهنجا واسينگ مثل وار به سبحان الله، تنهنجي گفتار ۽ رفتار به سبحان الله. هن غزل، قطعي، نظم وغيره جھڙين صنفن تي به طبع آزمائي ڪئي آهي.


لفظ محبوب سروريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.01.08  عيسوي

ناليوارو شاعر ۽ اديب محبوب سروري، 8 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جاڙي پنهور، هوسڙي، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد صديق پنهور جي گھر جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رمز علي فقير
اسد قصه خوان
ڀيرجي ٺڪَر
اميد خيرپوري
صوفي شرف الدين شرف
محبوب سروري
راز ناٿن شاهي
سڄڻ قبولائي
شيلي
امين ٿيٻو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون